رحيم ڏنو فقير

رحيم ڏنو فقير: رحيم ڏنو ولد ڪريم بخش فقير راهو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو ويس ڌاري فقير هو. سندس گھر درگاهه لطيف جي اتر ۾ هو. سندس اوطاق موجوده وڏي پڙ جي اڀرندي پاسي هئي، جيڪا سندس نالي سان مشهور هئي. سندس تعلق شاهه لطيف جي راهو ذات جي فقيرن واري خاندان سان هو. هن 1981ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مزار، شاهه صاحب جي هجري واري قبرستان ۾ آهي.


لفظ رحيم ڏنو فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو